ڪوئٽه ۾ قمبراڻي روڊ تي ڌماڪو، پنج ڄڻا زخمي

ڪوئٽه: (سومر 24 مئي 2021ع) ڪوئٽه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي ڪارروائي، ڌماڪي ۾ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن موجب ڪوئٽه جي علائقي قمبراڻي روڊ تي بشير چوڪ ويجهو ڌماڪو ٿيو آهي. ڌماڪي جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ريسڪيو ذريعن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ڌماڪي جي اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتا. جتي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي ورتو. جڏهن ته امدادي ٽيمن ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن کي اسپتال منتقل ڪيو.پوليس جي شروعاتي رپورٽ موجب ڌماڪو روڊ ڪناري لڳل ڌماڪيدار مواد ڦاٽڻ سبب ٿيو آهي. واضح رهي ته بلوچستان ۾ ٽن ڏينهن دوران دهشتگردي جو هي ٻيو واقعو آهي. ان کان اڳ 21 مئي تي چمن ۾ ڌماڪو ٿيو هو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا.

96
Spread the love

Leave A Reply

Your email address will not be published.