ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ ٻيانوي مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد: (اڱارو 25 مئي 2021ع) ملڪ ۾ گذريل ڏينهن ڪورونا وگهي وڌيڪ 2 هزار 253 نوان مريض سامهون آيا آهن. جڏهن ته 92 مريص هن وبا وگهي حياتيون وڃائي ويٺا آهن.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل ڏينهن سموري ملڪ ۾ گڏيل طور تي 46 هزار 726 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جڏهن ته 2 هزار 253 ڄڻن ۾ هن وائرس جي سڃاڻپ ٿي. اهڙي طرح ملڪ ۾ ڪورونا هاڪاري ڪيسز جي شرح 4.82 سيڪڙو رهي.ملڪ ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 9 لک 5 هزار 852 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي جنهن مان 8 لک 23 هزار 157 مريضن هن وبا کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي اين سي او سي موجب گذريل ڏينهن ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 92 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جن مان 45 مريض مختلف اسپتالن جي وينٽي ليٽر تي هئا.گذريل ڏينهن پنجاب ۾ ڪورونا جا 51، خيبرپختونخوهه ۾ 20، سنڌ ۾ 16 ۽ اسلام آباد ۾ هڪ مريض فوت ٿيو آهي. ملڪ ۾ هن وقت ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 62 هزار 295 آهي جن مان 4 هزار 723 مريض اسپتال ۾ داخل آهن. اسپتالن ۾ داخل ڪورونا جا 522 مريض وينٽي ليٽر تي آهن

43
Spread the love

Leave A Reply

Your email address will not be published.