بليڪ لسٽ وارو معاملو: شهباز شريف داخل ڪيل درخواستون واپس وٺي ڇڏيون

لاهور: (سومر 24 مئي 2021ع) لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف طرفان داخل ڪيل درخواستون اڪلائي ڇڏيون.تفصيل موجب لاهور هاءِ ڪورٽ م شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ڪيس جي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس باقر علي نجفي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي شهباز شريف جي وڪيل ايڊووڪيٽ امجد پرويز عدالت کي آگاهه ڪيو ته حڪومت شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ هي درخواستون ٻڌڻ جوڳيون ناهن رهيون. ان ڪري درخواستون واپس وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي.ان موقعي تي عدالتي ڪمري ۾ موجود وفاقي حڪومت جي وڪيل درخواستون واپس وٺڻ جي مخالفت ڪندي پنهنجي موقف ۾ چيو ته وفاقي حڪومت لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ اوري معاملي تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي. ڪنهن به فيصلي کان اڳ درخواستن تي پهريان حڪومت جو موقف ورتو وڃي. جنهن تي شهباز شريف جي وڪيل چيو ته قانون ۾ درخواست واپس وٺڻ جي ڪابه پابندي نه آهي.ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته ادارا جيترا حڪومت جا آهن اوترا ئي عام شهرين جا به آهن. جنهن کان پوءِ عدالت شهباز شريف کي درخواستون واپس وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. شهباز شريف جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اپوزيشن اڳواڻ جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو قدم چيلنج ڪيو ويندو. هن چيو ته عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ تي توهين عدالت جي ڪارروائي جو حق محفوظ رکون ٿا.

39
Spread the love

Leave A Reply

Your email address will not be published.